عبدالعزيز سومرو

عبدالعزيز سومرو: مشهور واڍو، دستڪار ۽ فنڪار عبدالعزيز ولد غلام قادر سومرو، 27 فبروري 1940ع تي سومرا محلي، ڪشمور، ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هي ڪنهن به اسڪول ۾ ڪونه پڙهيو. سندس والد واڍو هو. جنڊيءَ جو هنر پنهنجي والد کان سکيائين. هيءُ پلنگن ۽ هندورن تي بهترين نموني چٽسالي ڪري سگهي ٿو. هيءُ پنهنجي فن سبب پاڪستان سميت پرڏيهه ۾ مشهور ٿيو. عبدالعزيز دستڪاريءَ ۾ پاڪستان ليول تي ميمبر رهيو. نيشنل ڪرافٽس ڪائونسل آف پاڪستان طرفان 1985ع ۾ دستڪاريءَ تي ڪتاب ڇپيو. جنهن ۾ پاڪستان مان چئن ڄڻن بيگم ايلس (لاهور)، جميلا مسعود (اسلام آباد) مسرت حسين (لاهور) ۽ عبدالعزيز سومرو (سنڌ) جي هنرن کي پذيرائي ڏني وئي. سندس هنر جي نمائش پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ لڳي چڪي آهي. هن کي سندس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا، جن ۾ چٽسالي تي استنبول ۾ ترڪيءَ جي حڪومت طرفان مڃتا اوارڊ 1994ع ۾ ۽ 23 مارچ 1990ع تي صدر پاڪستان اسحاق خان طرفان سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ‘تمغه امتياز’ سان نوازيو ويو. عبدالعزيز هاڻ پيرسن ٿي چڪو آهي ۽ ڪشمور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبدالعزيز سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو